وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين يوم دفاع تي ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي

وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين يوم دفاع تي ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، وزير اعظم چيو آهي ته پاڪ فوج جي عظيم قربانين سبب قوم اڄ سک جو ساهه کڻي رهي آهي، آرمي چيف جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي شهيدن جي قربانين تي فخر آهي.

يوم دفاع جي موقعي تي وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف سميت وفاقي وزيرن ۽ وڏن وزيرن بيان جاري ڪيا.

وزير اعظم عمران خان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سميت سموري دنيا سان برابري جَي بنياد تي گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.

وزير اعظم يوم دفاع جي موقعي تي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه يوم دفاع جي موقعي تي ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

هن چيو ته  پاڪ فوج کي پنهنجي قوم تي فخر آهي، شهيدن ۽ غازين جي وارثن سان گڏ آهيون.

هوڏانهن، بلوچستان، لاهور ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن جاري ڪيل بيان ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي پاڪ فوج کي بلند حوصلي کي سلام پيش ڪيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*