يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مک تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي

يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مک تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي، پاڪ فوج ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، يوم دفاع جي مک تقريب اڄ شام جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ٻيا شرڪت ڪندا.

وزير اعظم عمران خان به جي ايڇ ڪيو ۾ رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو، جڏهن ته وفاقي وزير به ساڻس گڏ هوندا.

هوڏانهن پاڪ فوج شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف پروموز جاري ڪرڻ سان قوم جي نانءُ پيغام به جاري ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، اڄ دفاع ۽ شهيدن جو ڏينهن آهي، اچو ته شهيدن جي گهر پهچي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ عظيم قربانين تي سندن ٿورا مڃون.

پاڪ فوج جَي ترجمان موجب، اسين هڪ عظيم قوم آهيون ۽ عظيم قومون شهيدن کي ناهن وسارينديون، شهيدن جي عظيم وارثن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*