يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي گذري

يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي گذري، هوائي فوج جي چست دستي گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون.

تقريب جي خاص مهمان ايئر وائس مارشل نديم صابر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد پڻ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گل رکڻ بعد فاتحه خواني ڪئي.

ڊي جي رينجرز سان گڏ سيڪٽر ڪمانڊرز ۽ ٻيا آفيسر هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*