سپريم ڪورٽ، اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي لاءِ وفاقي کي 10 ڏينهن اندر قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي لاءِ وفاقي کي 10 ڏينهن اندر قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار جو پاسپورٽ ڪينسل ڪرڻ کانپوءِ هو برطانيا ۾ پناهه وٺي سگهي ٿو.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي بابت ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسحاق ڊار ڪٿي آهي، اسحاق ڊار جو پاسپورٽ رد ڪرڻ سان کيس برطانيا ۾ رهي سگهي ٿو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پاسپورٽ ڪينسل ٿيڻ جي صورت ۾ اسحاق ڊار برطانيا ۾ رهي سگهي ٿو.

چيف جسٽش چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته اسحاق ڊار وٺي ڇڏي پناهه، لنڊن ۾ ئي ٻڌائي ته ساڻس پاڪستاني عدالتون زيادتي ڪري رهيون آهن، ٻيو ته وٽس ڪو جواز ناهي رهيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته موجوده حڪومت ان معاملي تي هيل تائين ڪهڙا قدم کنيا آهن، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته نيب کيس اشتهاري قرار ڏنو آهي، جڏهن ته معاملو انٽرپول ڏانهن به ريفر ڪيل آهي.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت کان پڇي ٻڌايو وڃي ته اسحاق ڊار کي ڪڏهن واپس آندو ويندو، سندس ڏيهه واپسي لاءِ 10 ڏينهن اندر قدم کنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*