ٺل ويجهو پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل شيخوپورا واسڻ نينگريءَ کي زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي

ٺل ويجهو پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل شيخوپورا واسڻ نينگريءَ کي زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ميرپور ٿاڻي جي پوليس سرڪار جي فرياد تي جوابدار جمال گوپانگ، ياسمين جٽ، لياقت، محمد علي ۽ اصغر ٻرڙي سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيوآهي.

 جڏهن ته پوليس ٻن جوابدارن جمال الدين گوپانگ ۽ ياسمين جٽ جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي کي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو.

ميرپور پوليس موجب هٿ ڪيل نينگريءَ راڻي ۽ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ميرپور پور پوليس گذريل ڏينهن  ڳوٺ در محمد ٻرڙو تي ڪارروائي دوران شيخوپورا جي رهواسڻ  ياسمين زال محمد شريف جٽ ۽ سندس 12 سالن جي ڌيءَ راڻي کي هٿ ڪري ورتو هو، جنهن کي زبردستي پرڻايو پئي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*