سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايترو ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهو زندهه آهن، جيئن سندن وارثن کي تسلي ٿئي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پوليس جي پيش ڪيل اڳڀرائي واري رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏيندي اسسٽنٽ اٽارني جنرل، پوليس ۽ ٻين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ۾ چيو ته ايترو ٻڌايو گم ٿيل ماڻهو زندهه آهن، سندن وارثن کي تسلي ٿئي.

عدالت رمارڪس ۾ پوليس کي چيو ته هر مهيني ساڳي رپورٽ ڏيو ٿا، اڳتي اڳڀرائي سان گڏ اچو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي تڪليف جو ڪجهه خيال ڪريو.

عدالت ۾ روئندي عورت چيو ته منهنجي پٽ جنيد کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار گرفتار ڪري کڻي ويا آهن.

هن چيو ته سال گذرڻ باوجود پٽ جنيد جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملي رهيو آهي، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس پٽ جنيد کي بازياب ڪرائين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*