ڊگهڙي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کين تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

ڊگهڙي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کين تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 پنجاب جي شهر رحيم يارخان جي رهواسي ثانيا ۽ ڪنري جي نوجوان وحيد آرائين پريس ڪلب ڊگهڙي پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي ثانيه جا مائٽ راضي ناهن.

 عورت ثانيه ٻڌايو ته  خاندان وارا شادي بعد هنن جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اُهي کين قتل ڪرڻ چاهين ٿا.

 جوڙي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*