دولت پور صفن باءِ پاس تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

دولت پور صفن باءِ پاس تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي  جو لاش ۽ زخمي ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيا ويا.

ڪراچي کان ميانوالي ويندڙ تيز رفتار ڪار دولت پور واري علائقي ۾ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ نارٿ ڪراچي جو رهواسي 38 سالن جو محمد نعيم حيدرآبادي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 26 سالن  وليد رضا،  28 سالن جو نويد ۽ 27 سالن جو بابر علي زخمي ٿي پيا، جن کي دولت پور صفن اسپتال آندو ويو.

فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي ۽ زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

ٻڌايو وڃي ٿو ته فوت ٿي ويل نوجوان محمد نعيم دوستن سان گڏ پنجاب گهمڻ وڃي رهيو هو ته ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*