لاهور ۾ دڪاندار انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، چوري جي الزام هيٺ عورتن کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو

لاهور ۾ دڪاندار انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، چوري جي الزام هيٺ عورتن کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو، اعجاز مناوان نالي شخص جي عورتن کي ڏنڊن ذريعي مارڻ واري وڊيو ڪي ٽي اين نيوز کي ملي وئي آهي.

لاهور جي هڪ دڪاندار ڪپڙا چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ عورتن کي ڏنڊن ذريعي تشدد جو نشانو بڻائي حوا ڄائي جي تذليل ڪري انسانيت لڄائي ڇڏي.

دڪاندار پوليس کي گهرائڻ يا ڪيس داخل ڪرائڻ کانسواءِ ئي پنهنجي عدالت لڳائي عورتن تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.

دڪاندار پاران عورتن تي تشدد واري وڊيو ڪي ٽِي اين نيوز کي ملي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چوري جو رڳو الزام مڙهي ڪهڙي ريت عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي.

وڊيو ۾ متاثر عورتون دانهون ڪندي نظر اچن ٿيون، جهڙي ريت جوابدار عورتن تشدد ڪري رهيو آهي، ائين ته ڪو جانور کي به ناهي ماريندو.

عورتن تي تشدد واري واقعي جو پنجاب جي وڏي وزير سميت ٻي ڪنهن اعليٰ عهديدار نوٽيس ناهي ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*