نواز ليگ، حمزه شهباز کي پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي

نواز ليگ، حمزه شهباز کي پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هاڻي حڪومت کي پنجاب جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا.

نواز ليگ پاران پنجاب اسيمبلي جَي اسپيڪر ڏانهن حمزه شهباز جا نامزدگي ڪاغذ اماڻيا ويا، جن جي منظوري ڏني وئي آهي.

اسپيڪر جي منظوري کانپوءِ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ٿي ويو آهي.

حمزه شهباز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب جي مسئلن کان اڻڄاڻ آهي، صوبائي سرڪار کي مسئلا حل ڪرڻا پوندا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*