سپريم ڪورٽ، ڊڊوچه ڊيم جي تعمير بابت پنجاب ڪابينا مان منظوري وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، ڊڊوچه ڊيم جي تعمير بابت پنجاب ڪابينا مان منظوري وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي امڪاني بحران کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ ڊيمن جي تعمير ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿي ڪري سگهجي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڊيمن جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڊڊوچه ڊيم راولپنڊي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ تعمير ٿيڻو آهي، پر 3 سال گذرڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بحريه ٽائون هڪ سال ۾ ڊيم تعمير ڪرڻ جو چيو آهي، پاڻي جي ورڇ جو معاملو عدالت پاڻ ڪندي.

جسٽش اعجاز الحسن چيو ته ايندڙ 30 سالن ۾ پاڪستان کي پاڻي جو شديد بحران ٿيڻ وارو آهي، ايندڙ نسل کي مسئلن کان بچائڻ سڀني جي ذميواري آهي.

عدالت ڊڊوچه ڊيم جي تعمير لاءِ پنجاب ڪابينا مان فوري طور منظوري وٺڻ جو هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*