جوهي ۾ فوجي ۽ اي ايس ايف عملدارن شهيد فوجي جوان خالد رند ۽ شهيد اي ايس آءِ عبدالغني رند جي آخري آرام گاهن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي کين ڀيٽا پيش ڪئي

جوهي ۾ فوجي ۽ اي ايس ايف عملدارن شهيد فوجي جوان خالد رند ۽ شهيد اي ايس آءِ عبدالغني رند جي آخري آرام گاهن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

 اي ايس ايف عملدارن منصور لاڙڪ، قمبر عباسي ۽ پاڪ فوج جي اهلڪارن جوهي پهچي شهيد عبدالغني رند ۽ شهيد خالد رند جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ ٻنهي شهيدن جي آخري آرام گاهن تي حاظري ڀري.

ان موقعي تي هنن چيو ته ته شهيدن جي قرباني ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهي، اسانکي شهيدن تي فخر آهي ڇاڪاڻ ته شهيد اسانجي قوم جا هيروز آهن.

 هنن چيو ته شهيدن جو خون رائگان نه ويندو.

ياد رهي ته شهيد عبدالغني رند ايئر پورٽس سيڪيورٽي فورس جو ملازم هو، هن ڊيوٽي دوران 2014 ع ۾ وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو، جڏهن ته شهيد خالد رند پاڪ فوج جو اهلڪار هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*