سياست ۾ هٿياربند ونگز جو خاتمو ضروري آهي، احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان يمن ۾ سڌي جنگ ۾ حصو نه پيو وٺي، اتي ڦاٿل پاڪستانين جي خيريت سان ڏيهه واپسي لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون، جڏهن ته عمران خان پي ٽي وي تي حملي تي خوشي جو اظهار ڪيو هو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي خيريت سان ڏيهه واپسي لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون ۽ وزير اعظم ان سڄي صورتحال کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته يمن جنگ ۾ پاڪستان سڌو سنئون حصو نه پيو وٺي، نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي ڪردار جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته پي ٽي وي تي حملي واري معاملي تي عمران خان خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ هو نه ٿو چاهي ته پاڪستان ترقي ڪري.

ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي استعفيٰ بابت سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته الطاف حسين جي استعفيٰ ايم ڪيو ايم جو اندروني معاملو آهي.

هن چيو ته سياست ۾ هٿياربند ونگز جو خاتمو ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*