جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي جعلي قرار ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر کان ٻاهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي جعلي قرار ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر کان ٻاهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني ۽ جمهوريت چوڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده اڪثريتي حڪومت جعلي آهي، موجوده وزيراعظم ۽ وڏا وزير جعلي آهن.

مولانا فضل الرحمان اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي،  چونڊ نتيجن کي سمورين پار ٽين رد ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته حڪومت مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، بجلي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، ڇا اها تبديلي آهي؟ .

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورن مدرسن ۾ ساڳيو ئي نصاب لاڳو آهي، مدرسن کانسواءِ ٻين ادارن ۾ ڌار ڌار نصاب آهي، حڪومت کي مدرسن تي راتاهو هڻڻ نه ڏنو ويندو.

جي يو آءِ  سربراهه مولانا فضل الرحمان يوم دفاع جي موقعي تي ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي به ڀيٽا پيش ڪئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*