سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ 52 هون يومِ دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڪراچي،حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ 52 هون يومِ دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڪراچي،حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

يومِ دفاع جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ قائد اعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پُروقار تقريب ٿي، پاڪ ايئرفورس جي دستن مزارِ قائد تي گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون جڏهن ته ملير ڇانوڻي ۾ تقريب دوران پاڪ فوج جي تازن دستن شاندار مارچ پاسٽ ڪيو، جتي  الخالد ۽ الضرار ٽينڪس سوڌو بڪتربند گاڏين ۽ ريڊار سسٽم جي به نمائش ڪئي وئي.

پنوعاقل فوجي ڇانوڻيءَ ۾پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو خاص مهمان جي او سي پنوعاقل  ميجر جنرل ظفر الله خان هو، جنهن ملٽري دفاعي هٿيارن جي  نمائش جو افتتاح ڪيو  جڏهن ته  نمائش ۾ رکيل هٿيارن بابت ميجر جنرل ظفر الله خان کي بريفنگ ڏني وئي.

لاڙڪاڻي ۾ ڊي آءِ جي جاويد اڪبر ۽ ايس ايس پي شبير سيٺار جي اڳواڻي ۾ دفاع ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين پوليس اهلڪار ۽ شهري شامل هئا.

سلاله چيڪ پوسٽ تي پاڪستان جو دفاع ڪندي نيٽو فوج جي حملي ۾ شھيد ٿي ويل نئون ديرو واسي ميجر مجاهد علي ميراڻيءَ ۽ شھيد حوالدار عابد ميراڻي جي مزارن تي 31 ونگ شھباز رينجرز لاڙڪاڻي جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل عاصم ۽ ميجر وسيم جي اڳواڻيءَ ۾فوجي جوانن سلامي پيش ڪري مزارن تي حاضري ڀري گلدسته رکيا

نئون ديرو  جي سوين شاگرد ۽ استادن تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي  شھيد ميجر مجاهد ميراڻي ۽ شھيد حوالدار عابد ميراڻي جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ ملڪ جي دفاع ۽ سلامتيءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج جي سپھه سالارن کي سلام پيش ڪيو.

هوڏانهن ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ٺل، شڪارپور، قمبر، گاجي کهاوڙ، دادو، خيرپور، نوشهرو فيروز، سيٺارجا، پڪا چانگ، ٺاروشاھ، ڀريا سٽي، مٺي، ننگر پارڪر، سامارو، ماتلي، ٺٽو، ڌاٻيجي، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، جتي پاڪ فوج جي شهيد جوانن ۽ غازين کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*