جي يو آءِ سربراهه خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن شاهن بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا آهن

جي يو آءِ سربراهه خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن شاهن بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي ڊاڪٽر ۽ مشير پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندا.

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران فريادي سميت 6 شاهدن جا بيان مڪمل ڪيا ويا.

فريادي راشد محمود سومرو شاهدن ۽ وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيس ٿيو،آخري شاهدن عبدالقادر ناريجو ۽ امان الله ڪوري جا بيان مسلسل 3 ڪلاڪ جاري رهيا، جنهن سان عدالت ۾ سمورن شاهدن جا بيان مڪمل ٿي ويا آهن.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي  ڊاڪٽر ۽ مشير پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائيندا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*