سنڌ حڪومت پاران پاڻي کوٽ، بجلي لوڊشيڊنگ، گئس بحران ۽ ايف بي آر جي غيرقانوني ڪٽوتين سوڌو ٻيا معاملا سي سي آءِ اجلاس جـِي ايجنڊا  ۾ شامل ڪرڻ  لاءِ وفاق سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ حڪومت پاران پاڻي کوٽ، بجلي لوڊشيڊنگ، گئس بحران ۽ ايف بي آر جي غيرقانوني ڪٽوتين سوڌو ٻيا معاملا سي سي آءِ اجلاس جـِي ايجنڊا  ۾ شامل ڪرڻ  لاءِ وفاق سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ التوا هيٺ پيل معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ڳالهائينداسين.

وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تيل جي ڳولا، ايف بي آر جي غيرقانوني ڪٽوتين، بجلي لوڊشيڊنگ، پاڻي کوٽ ۽ گئس بحران سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق کان ڪراچي کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهمي وارو مسئلو جلد حل  ٿي ويندو.

هن چيو ته وفاق کي خط لکيو وڃي، جنهن ۾ چيو وڃي ته ته التويٰ هيٺ پيل ايجنڊائن کي سي سي آءِ اجلاس ۾ شامل ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*