ملير جي ڊي سي آفيس  ۾ يوم دفاع جي سلسلي ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي

ملير جي ڊي سي آفيس  ۾ يوم دفاع جي سلسلي ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي نغمه ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي ملير ڪيپٽن رٽائرڊ عابد علي شيخ چيو ته پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين سول ماڻھن ملڪ جي حفاظت خاطر جانين جون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته اسان سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستاني قوم کي پنهنجن شھيدن تي فخر آھي.

ڊي سي چيو ته اسان پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو، هميشه انهن کي ياد رکيو ويو آھي.

تقريب کي اي ڊي سي سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*