عظيم قومون پنهنجي شهيدن کي سدائين ياد رکنديون آهن، آرمي چيف پوليس انسپيڪٽر جي گهر پهچي سندس پونيئرن سان ملاقات ڪئي

عظيم قومون پنهنجي شهيدن کي سدائين ياد رکنديون آهن، آرمي چيف پوليس انسپيڪٽر جي گهر پهچي سندس پونيئرن سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته ملڪ خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا قرباني ناهي هوندي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه گهر واري سوڌو راولپنڊي ۾ پوليس جي شهيد انسپيڪٽر عباس جي گهر پهتا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف ۽ سندس گهر واري شهيد انسپيڪٽر جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪري کين سلام پيش ڪيو.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم قرباني ناهي هوندي، اسان جون جانيون پاڪستان لاءِ آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*