سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ پاڪ هوائي فوج جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ پاڪ هوائي فوج جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، مختلف علائقن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن جڏهن ته نشار حيدر حاصل ڪندڙ راشد منهاس شهيد ۽ ٻين پائلٽن جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ هوائي فوج جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو به جاري آهي.

نشان حيدر حاصل ڪندڙ پائلٽ راشد منهاس شهيد جي ڪراچي جي فوجي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، اڄ کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

6 سيپٽمبر 1965ع ۾ پاڪستان تي حملو ٿيو هو، پاڪ فوج جي جوانن جيان  هوائي فوج جي جوانن به ڀارت کي منهن ٽوڙجواب ڏنو هو.

1965ع ۾ پاڪ فضائيه جي جوانن پنهنجي سربراهه ايئر مارشل نور خان جي قيادت ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو هو.

پاڪستان  جي عظيم ۽ تاريخي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ هوائي فوج جي جوانن کي  اڄ سلام پيش ڪيو پيو وڃي.

ايم ايم عالم هڪ منٽ ۾ ڀارت جي 5 جنگي جهازن کي تباهه ڪري تاريخ ۾ پنهنجو ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو.

17 ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنگ ۾ ايم ايم عالم مجموعي طور دشمن جي 9 جنگي جهازن کي تباهه ڪيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*