چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي  ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي

چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي  ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هواچن ينگ چيو آهي ته پرڏيهي وزير وانگ اي پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي پاڪستان اچي رهيو آهي، جنهن دوران مختلف عملدارن سان ملاقات دوران گڏيل لاڳاپن، علائقي ۽ عالمي مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي  ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي، چيني پرڏيهي وزير  جمعي کان آچر ڏهاڙي تائين پاڪستان جو دورو ڪندو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هواچن ينگ چيو آهي ته پرڏيهي وزير وانگ اي پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

ترجمان موجب، چيني پرڏيهي وزير هم منصب شاهه محمود قريشي سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران گڏيل لاڳاپن، علائقي ۽ عالمي مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، چين پاڪستان اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سٺا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ مختلف شعبن سهڪار ۽ ترقي جو عمل جاري آهي، سي پيڪ جو فائدو ملي رهيو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو دورو ڪري چڪو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*