وفاقي حڪومت عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو آهي، حڪومت عالمن ۽ سمورن معاشرتي طبقن ک گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن هڪ نامزدگي سان مختلف تاثر پيدا ٿين ته پوءِ اهو مناسب نه آهي.

وفاقي حڪومت عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

فواد چوڌري چيو ته عاطف ميان جي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل نامزدگي وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ، حڪومت عالمن ۽ سمورن معاشرتي طبقن ک گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن هڪ نامزدگي سان مختلف تاثر پيدا ٿين ته پوءِ اهو مناسب نه آهي.

تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد  به عاطف ميان بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي.

 سينيٽر فيصل جاويد چيو ته عاطف ميان جي متبادل جو اعلان جلد ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*