سنڌ جي گورنر هائوس جا ڪجهه حصا عام ماڻهن لاءِ کوليا ويا،گورنر هائوس گهمڻ لاءِ ايندڙن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو

سنڌ جي گورنر هائوس جا ڪجهه حصا عام ماڻهن لاءِ کوليا ويا،گورنر هائوس گهمڻ لاءِ ايندڙن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو، گورنر عمران اسماعيل چيو ته خانگي اسڪولن کي فيس معاملي بابت عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، کين من ماني ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

گورنر عمران اسماعيل شاگردن سان گڏجي گورنر هائوس جي ميوزيم جو معائنو ڪيو، گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم عمران خان جلد ڪراچي جو دوور ڪندو، شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀئي پارٽيون گڏجي ڪم ڪنديون.

هن چيو ته شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته گورنر هائوس جي گيٽ نمبر 4 تي شڪايتي سيل قائم ڪيو ويندو.

عمران اسماعيل چيو ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن عوام سان ملي ڪري انهن جا مسلئا ٻڌندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*