ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پهرين نرسري مارگلا ريلوي اسٽيشن تي گرين ريلوي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پهرين نرسري مارگلا ريلوي اسٽيشن تي گرين ريلوي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي هڪ لک 84 هزار ٻوٽا پوکيا ويا آهن، پاڪستان ريلوي جلد قوم کي وڏي خوشخبري ڏيندي، ڪوشش آهي ته ريلوي کي بهتر ادارو بڻايون.

ريلوي گرين پاڪستان گرين ريلوي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان شيخ رشيد پهرين نرسري مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي لڳائي افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هڪ لک 84 هزار ٻوٽا پوکيا ويا آهن.

هن چيو ته، پاڪستان ريلوي جلد قوم کي وڏي خوشخبري ڏيندي، ڪوشش آهي ته ريلوي کي بهتر ادارو بڻايون.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته، موسم بهتر بڻائڻ لاءِ چين مان ٻوٽا گهرايا ويا آهن.

شيخ رشيد چيو ته، اوهان کي 100 ڏينهن ۾ ريلوي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري نظر ايندي.

هن چيو ته، ريلوي ۾ ٽريننگ سسٽم آندو پيو وڃي، پاڪستان ريلوي کي عوام جو فرينڊلي ادارو بڻائينداسين.

شيخ  رشيد چيو ته، ريلوي جي هر ڊويزن هيڊڪوارٽر ۾ چار چار نرسريز قائم ڪيون وينديون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*