لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  وزيراعظم عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ ۽ حلف کي غيرقانوني قرار ڏيڻ بابت درخواست تي 69 ايم اين ايز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  وزيراعظم عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ ۽ حلف کي غيرقانوني قرار ڏيڻ بابت درخواست تي 69 ايم اين ايز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا..

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان کي عهدي تان  هٽائڻ ۽ حلف کي غيرقانوني قرار ڏيڻ بابت  درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ وزيراعظم، اليڪشن، ڪميشن، جماعت اسلامي، پيپلزپارٽي ۽ 69 ايم اين ايز کي ڌربڻايو ويو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آسٽريليا سميت 21 ملڪن ۾ وزيراعظم جي چونڊ ۾ هر ميمبر کي ووٽ ڏيڻ لازمي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي چونڊ دوران پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي ووٽ ووٽ نه ڏنو هو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، قانون موجب، وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جي هر ميمبر کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ضروري آهي، جنهن سببب وزيراعظم جي حلف کي غيرقانوي قرار ڏنو وڃي.

دليل ٻڌڻ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي 69 ايم اين ايز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ پهرين نومبر جواب طلب ڪري ورتو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*