وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين لاءِ فوج جي حمايت حاصل آهي

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين لاءِ فوج جي حمايت حاصل آهي، حڪومت ۽ فوج خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان ڳالهين جي خواهش رکن ٿيون، پر ڀارت طرفان هاڪاري جواب نه مليو آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف اِن خيال جا آهن ته ڪوبه ملڪ اڪيلو ترقي نٿو ڪري سگهي.

برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته، پاڪستاني اختيارين ۽ امريڪي وفد وچ ۾ هاڪاري ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ملڪن جي موقف ۾ گهڻو فرق نه هو

هن چيو ته اسان ۽ آمريڪي وفد جي سوچ ۾ ايترو فرق نه هو، جيترو اڳ ۾ نظر اچي رهيو هو، پاڪستاني حڪومت ۽ فوج خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان ڳالهين لاءِ خواهشمند آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته، عمران خان پهرين تقرير ۾ چيو ته دهلي هڪ قدم وڌائيندي ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين.

هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم سان عمران خان ڳاليهون به ڪيون، ، ڀارت طرفان نئين حڪومت کي امن امان بابت مثبت جوابي اثارو نه مليو  آهي.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان تمام جلد سک ياترين لاءِ ڪرتا سنگهه بارڊر کولي ڇڏيندو،  سک ياتري وزير بنا گردوار ه درٻار صاحب جو درش ڪري سگهندا.

 هن چيو ته سک ياترين جي لاءِ سرحد کولڻ  بابت هڪ نظم ۽ ضبط واضح ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جيڪي ڀارت سان ڳالهين ۽ لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اشارا ڏنا ويا آهن، انهن کي فوج جي حمايت حاصل آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته عمران خان ۽ جنرل باجوه سمجهن ٿا ته ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن خطي ۾ امن قائم نه ٿيو ته سڀ پوئتي رهجي ويندا.

 هن چيو هت هي نوازشريف جيان عمران خان جي پاليسي نه آهي، آمريڪي وفد سان ملاقاتون   خوشگوار ماحول ۾  ٿيون آهن.

فواد چوڌري چيو ته آمريڪا ۾ به افغان مسئلي جو فوجي حل نه پر سياسي حل جي سوچ پيدا ٿيڻ فائديمند آهي، عمران خان به سمجهي ٿو  ته افغانستان مسئلي جو حل فوجي نه پر سياسي هئڻ گهرجي.

هن چيو ته عمران خان جي مقبوليت سبب افغانستان مسئلي جي حل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته اپوزيشن تڪ کولڻ واري پنهنجي مطالبي ۾ سنجيده نه آهن، نه ئي ان  لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

فواد چوڌري چيو ته لڳي ايئن پيو ته پي ٽي آءِ 11 سالن کان حڪومت آهي،اها سموري ميڊيا جي مهرباني آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*