بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نواب شاهه ۾پروفيسر پاران مبينا جنسي حراسان ڪيل شاگردياڻي فرزانا جماليءَ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي

بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نواب شاهه ۾پروفيسر پاران مبينا جنسي حراسان ڪيل شاگردياڻي فرزانا جماليءَ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

نواب شاهه پريس ڪلب سامهون شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم ۽ ايس يو پي جي گڏيل ڪيمپ تي مجيب ماڇي، فلڪ شير اوڏ، علي رضا خاصخيلي ۽ منير ابڙو سميت ٻين ڪارڪنن بک هڙتال جاري رکي.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪيمپ تي ضلعي صدر نثار ڪيريو ۽ رفيق ملاح جي اڳواڻي ۾ڪيترائي ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺا، جتي ڪارڪنن يونيورسٽي انتظاميه خلاف ۽ فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ نعري بازي ڪئي.

دولت پور صفن ۾جسقم  جي محبوب انڙ، نظير ڏاهري، اياز انڙ، فقير لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنڌڪوٽ ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پيربخش بهلڪاڻي، ديدار علي سبزوئي، ظفر شير ڀيو، نور حسن سبزوئي، غُلام حسين ڏاهاڻي ۽ ٻين ايس ٽي پي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بينظير جنرل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ جي گرفتاري ۽ شاگردياڻي فرزانا جماليءَ کي انصاف ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*