سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 3/184 تحت نوٽيس جي تشريح ۽ ان جي اختيارين جي حد بابت سمورين درخواستن کي گڏ ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 3/184 تحت نوٽيس جي تشريح ۽ ان جي اختيارين جي حد بابت سمورين درخواستن کي گڏ ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، سهڪار لاءِ اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار اسيوسيئيشن کي نوٽيس جاري ڪندي چيف جسٽس چيو آهي ته اٽارني جنرل صاحب، عدالت آرٽيڪل 3/184 جي اختيارن جي حدن کي ڄاڻڻ چاهي ٿي، اسان پنهجن اختيارن کي ريگوليٽ ڪرڻ چاهيون ٿا.

سپريم ڪورٽ ۾  چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آرٽيڪل 3/184 تحت نوٽيس جي تشريح ۽ ان جي اختيارين جي حد بابت سمورين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب، عدالت آرٽيڪل 3/184 جي اختيارن جي حدن کي ڄاڻڻ چاهي ٿي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڄاڻڻ چاهي ته ته آرٽيڪل 3-184 جي معاملي ۾ اختيارن جي حد کي اورانگهيو ته نه پيو وڃي، اسان پنهنجن اختيارن کي ريگوليٽ ڪرڻ چاهيون ٿا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاملي  لاءِ ٻن سينيئر وڪيلن کي به عدالتي معاون مقرر ڪنداسين.

عدالت  سهڪار لاءِ اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار اسيوسيئيشن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*