ناري ويجهو  ڪريش پلانٽ تي ڪم ڪندڙ پورهيت جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي

ناري ويجهو  ڪريش پلانٽ تي ڪم ڪندڙ پورهيت جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، وارثن موجب نوجوان کي گڏ ڪم ڪندڙ ٻن ڄڻن قتل ڪيو آهي.

ناري جي جابلو علائقي ۾ امين پٺاڻ جي ڪريش پلانٽ تي ڪم ڪندڙ پورھيت اعجاز علي پريو جو تشدد ٿيل لاش ھٿ ڪيو ويو.

 فوتي جو لاش چونڊڪو اسپتال پهچايو ويو، جتي سوراھ پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

مقتول اعجاز علي پريو جي والد قربان پريو ميڊياکي ٻڌايو ته سندس پٽ کي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ھدايت ڪانڌڙو ۽ شيرو ڀنڀرو تشدد ڪري قتل ڪيو آھي.

ٻئي طرف ڊاڪٽر پرسرام ٻڌايو ته مٿي  ۽ منھن ۾ڌڪ لڳل آھن، جڏهن ته واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*