سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن ۾ ڪوالٽي بورڊ، فنڊس ۽ فيس ۾ ٽيڪس جي ڪٽوتي بابت درخواست جي ٻڌڻي آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن ۾ ڪوالٽي بورڊ، فنڊس ۽ فيس ۾ ٽيڪس جي ڪٽوتي بابت درخواست جي ٻڌڻي آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت  درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو .

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته خانگي اسڪولن کي ڪوالٽي بورڊ ٺاهڻو هو جيڪو اڃاتائين نه ٺهي سگهيو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته خانگي اسڪولن ۾ فيسن ۾ اڃاتائين ٽيڪس ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.

درخواستگذار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته فنڊز بابت حڪومت پاران ڪو به عملدرآمد ناهي ٿيو، پيرنٽس ايڪشن ڪميٽي به نه ٺاهي وئي آهي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل پاران مهلت طلب ڪرڻ تي درخواست تي ٻڌڻي آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*