تحريڪ انصاف 19 اپريل تي عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

تحريڪ انصاف نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد خالي ٿيل تڪ اين اي 2 سئو 46 تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ 19 اپريل تي عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، حتمي اعلان عمران خان اڄ شام پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪندو.

ذريعن موجب،  ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه عزيز آباد جي تڪ اين اي 2 سئو 46 تي ڪاميابي لاءِ تحريڪ انصاف ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ پاران ان تڪ تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

 عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ بابت باضابطه اعلان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اڄ شام پريس ڪانفرنس ذريعي ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪراچي جو دورو پڻ ڪندو ۽ 19 اپريل تي پي ٽي آءِ پاران عزيز آباد ۾ئي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، عمران خان پارٽي اميدوار جي ڪاميابي لاءِڪراچي ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد سيٽ خالي ٿي هئي،جنهن تي ننڍي چونڊ 23 اپريل تي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*