ڊکڻ ويجهو ايمبولينس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد واسي 4 ڄڻا مارجي ويا۽2 عورتون زخمي ٿي پيون

ڊکڻ ويجهو ايمبولينس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد واسي 4 ڄڻا مارجي ويا۽2 عورتون زخمي ٿي پيون، پوليس جو چوڻ آهي ته ڳڙهي خيرو ويجهو پيار جي پرڻي تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان کي ايمبولينس ۾ لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته رستي ۾ ايمبولينس تي حملو ڪيو ويو.

شڪارپور-لاڙڪاڻو قومي شاهراهه تي بگڙا جوڻيجا لاڙي وٽ ڪار سوار هٿياربندن ايمبولينس کي روڪي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون.

ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مديجي اسپتال منتقل ڪيو.

 مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ حبيب الله، بادل، ڪيوڙو، رحيم بخش جکراڻي طور ڪئي وئي.

زخمي ٿيل ٻن عورتن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته ڳڙهي خيرو ويجهو پيار جي پرڻي تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان کي ايمبولينس ۾ لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته رستي ۾ ايمبولينس تي حملو ڪيو ويو، مارجي ويلن جو تعلق جيڪب آباد سان آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*