سپريم ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف  جي اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ جمع ڪرايل ضمانتي مچلڪا واپس ڪرڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف  جي اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ جمع ڪرايل ضمانتي مچلڪا واپس ڪرڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 12 سپيٽمبر تي ٻڌڻي ڪندي.

اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ ضمانتي مچلڪا واپس ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

عدالت پرويز مشرف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي بينچ جوڙي ڇڏي.

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾  سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ 12 سيپٽمبر تي پرويز مشرف جي  درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پرويز مشرف اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ بري ٿي چڪو آهي، جنهن سبب جمع ڪرايل ضمانتي مچلڪا واپس ڪيا وڃن.

واضح رهي ته اڪبر بگٽي قتل ڪس ۾ پرويز مشرف پاران 10، 10، لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد سندس ضمانت  واري درخواست منظور ڪئي وئي هئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*