اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر سوڌو ڪميشن جي اعليٰ عملدارن جي استيعفيٰ وارو مولانا فضل الرحمان جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر سوڌو ڪميشن جي اعليٰ عملدارن جي استيعفيٰ وارو مولانا فضل الرحمان جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مولانا فضل الرحمان جي بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته، ثبوتن کانسواءِ ڌانڌلين جو الزام لڳائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، ذاتي مفاد لاءِ قومي ادارن تي الزام لڳائڻ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي.

اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر سوڌو ڪميشن جي اعليٰ عملدارن جي استيعفيٰ وارو مولانا فضل الرحمان جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته عام چونڊ 2018 صاف شفاف ۽ غيرجانبدار هئي، بنا شاهدي شفافيت خلاف بيان افسوس جوڳو عمل آهي.

ترجمان چيو ته، عوام آزاداڻي ماحول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا، ذاتي مفادن تحت بيان بازي عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته چونڊ اعتراض اڪلائڻ لاءِ ٽربيونلز قائم ڪيا ويا آهن.

ترجمان چيو ته، قومي ادارن تي الزام لڳائي دٻاءُ نه وڌو وڃي، اليڪشن ڪميشن ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*