احتساب عدالت ۾ نوازشريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث اڄ به واجد ضياءَ کان آڏي پڇا جاري رکي

احتساب عدالت ۾ نوازشريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث اڄ به واجد ضياءَ کان آڏي پڇا جاري رکي، ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ طارق فضل چوڌري ۽ پرويز ملڪ پاران ڳالهائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جج ارشد ملڪ چيو ته اڳ به چيو هو ته جيڪڏهن اوهان کي هتي ويهڻو آهي ته انسان ٿي ويهو، عدالت ۾ ڳالهائڻ جو ڪهڙو جواز آهي، ميان صاحب ڳالهائي ته سمجهه ۾ اچي ٿو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوازشريف خلاف العزيزيه ريفرنس ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي  ٻڌڻي ٿي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل  مان احتساب عدالت آندو ويو.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث واجد ضياءَ کان آڏي پڇا جاري رکي.

ٻڌڻي دوران واجد ضياءَ عدالتي اجازت کانپوءِ سپريم ڪورٽ مان حاصل ڪيل واليم ٽين مان ايم ايل ايز پڙهي ٻڌايا.

واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته هل ميٽل اسٽيبلشمنٽ جو مڪمل نالو هل ماڊرن  انڊسٽري فارميٽل اسٽيبلشمنٽ آهي، 31 مئي 2017 تي سعودي عرب  کي ايم ايل اي موڪلڻ وقت ڪمپني جو مڪمل نالو معلوم نه هو.

جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  عدالت کي ٻڌايو ته دستاويزن موجب هي ڪمپني اسٽيل بزنس ابت آهي.

واجد ضياءَ چيو ته سعودي عرب کي موڪليل ايم ايل اي ۾ هل ميٽرل اسٽيبلشمنٽ جو ڪو به ڪاروباري  پتو نه لکيو ويو هو،  پتي جي جاءِ تي رڳو جده لکيل هو.

جي آءِ ٽي سربراهه عدالت کي ٻڌايو ته 3 جون تي اڳوڻي وزيراعظم  نوازشريف جو پٽ حسن نواز جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو هو، جنهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو هو

واجد ضياءَ چيو ته  جي  آءِ ٽي حسين نواز طرفان فراهم ڪيل اضافي  معلومات جي تصديقي لاءِ سعودي عرب حڪومت کي خ نه لکيو ۽ نه ئي ان طرفان ڏنل ڌيان تي ڪمپني  جي رجسٽريشن نمبر جي تصديق ڪرائي وئي.

واجد ضياءَ موجب، حسين نواز طرفان پيش ڪيل دستاويز عربي زبان ۾ لکيل هئا. جنهن تي خواجا حارث سوال ڪيو ته اوهان عربي سمجهه وٺندا آهيو؟

جنهن تي واجد ضياءَ جواب ڏيندي چيو ته مون سعودي عرب ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، جنهن سبب ٿوري سمجهي وٺندو آهيان.

واجد ضياءَ وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ ۾ اها ڳالهه اهم هئي ته هل ميٽل اسٽيبلشمنت هڪ فرد جي ملڪيت هئي يا پارٽنر شپ تي هلندڙ ڪمپني  آهي.

خواجا حارث سوال ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي حسين نواز جو رڪارڊ ڪيل بيان جو درست رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو؟ جنهن تي واجد ضياءَ چيو ته  حسين نواز جي  سمورن پيشين جو مڪمل درست رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث جي معاون وڪيل محمد زبير خالد جي بار بر گهڙي ڏسڻ  تي احتساب عدالت جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻ زبير صاحب وقت ڏسڻ سروع ڪري ڇڏيو آهي.

جنهن تي محمد زبير خالد ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته هاڻ ته ٻي سائيڊ به وقت ڏانهن نهاري رهي  آهي. استدعا آهي ته جمعي جي ڪري ٻڌڻي جلد ختم ڪئي وڃي.

ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ طارق فضل چوڌري ۽ پرويز ملڪ پاران ڳالهائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جج ارشد ملڪ چيو ته اڳ به چيو هو ته جيڪڏهن اوهان کي هتي ويهڻو آهي ته انسان ٿي ويهو.

جج ارشد ملڪ چيو ته عدالت ۾ ڳالهائڻ جو ڪهڙو جواز آهي، ميان صاحب ڳالهائي ته سمجهه ۾ اچي ٿو.

احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*