مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن، هاڻي کين وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن، هاڻي کين وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو.

ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي آفيس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته منهنجو دور ملازم پنهنجي لاءِ چئلينج سمجهن، هر آفيسر ۽ ملازم کي صبح 9 وڳي آفيس پهچڻ گهرجي.

هن چيو ته آفيسن ۾ 100 سيڪڙو حاضر هئڻ گهرجي، گوسڙو ملازمن کي معاف نه ڪيو ويندو.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هر روز سڀني آفيسن جا دورا ڪري ملازمن جي حاضري کي چيڪ ڪندو رهندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*