سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ چئن وزيرن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري آهي

سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ چئن وزيرن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري آهي، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين چيو ته بهتر ڪم نه ڪندڙ وزيرن کي هٽايو ويندو.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، امتياز شيخ، مڪيش چاولا ۽ فرار ڏيرو قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ  قيادت خلاف ڪيسز سياسي آهن، 18 هين ترميم خلاف سازشون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته شرجيل ميمڻ جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، چاهيون ٿا ته سڀ حقيقتون سامهون اچن.

ناصر شاهه چيو ته مڪاني نظام کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا، اهڙو قانون آڻينداسين جيڪو سڀني کان بهتر هوندو.

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پوري صوبي ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*