خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي جڊيشل ڪميشن جي قيام تي واڌايون ڏنيون

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام تي اتفاق ٿيڻ تي وزيراعظم نواز شريف کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڇڪتاڻ واري سياست تي يقين نٿي رکي پر چونڊ سڌارا ٿيڻ ضروري آهن.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام تي وزيراعظم کي واڌايون ڏنيون آهن.

خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام تي اتفاق جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ آهي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي ڇڪتاڻ واري سياست تي يقين نٿي رکي، سياست پارٽين ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*