صدر ممنون حسين جي عهدي جو اڄ آخري ڏينهن آهي، سڀاڻي نئون چونڊيل صدر عارف علوي 13هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو

صدر ممنون حسين جي عهدي جو اڄ آخري ڏينهن آهي، سڀاڻي نئون چونڊيل صدر عارف علوي 13هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو.

صدر ممنون حسين جي عهدي جو اڄ آخري ڏينهن آهي.

ايوان صدر جي ترجمان موجب، نئون چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علي سڀاڻي 13هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو.

ڊاڪٽر عارف علوي 4 سيپٽمبر تي ٿيل پولنگ جي نتيجي ۾ ملڪ جو نئون  صدر چونڊجي ويو هو.

گذريل ڏينهن الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته آئين ۽ قانون جي پاسداري ۽ سٺي حڪمراني ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لڪيل هوندي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته هو صدارتي عهدو ڇڏيندي ان ڳالهه تي مطئمن آهي ته هن پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته هن پنهنجي اختيارن ۽ آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪيو آهي.

صدر ممنون حسين ايوان صدر جي عملي جا ٿورا به مڃيا، جن سهڪار سان پنهنجي سرڪاري ذميواريون ڀرپور نموني نڀايون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*