مڪاني کاتي واري سيڪريٽري، بلديه اعليٰ حيدرآباد ۾ ميرٽ خلاف ترقيون حاصل ڪري اهم پوسٽن تي مقرر ٿيل  11 آفيسرن کي رورٽ ڪري اصل پوسٽن تي موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

مڪاني کاتي واري سيڪريٽري، بلديه اعليٰ حيدرآباد ۾ ميرٽ خلاف ترقيون حاصل ڪري اهم پوسٽن تي مقرر ٿيل  11 آفيسرن کي رورٽ ڪري اصل پوسٽن تي موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

انهن آفيسرن ۾ ظفر، عبدالوهاب راجپوت، رئيس احمد، صلاح الدين عبدالمقيم، محمد مڪرم خان، عبدالجبار، سيد عارف علي، محمد الطاف، يونس، عقيل احمد ۽ ٻيا شامل آهن.

نوٽيفڪيشن موجب 16 گريد جي آفيسر ظفر کي رورٽ ڪري اصل پوسٽ لاري ڊرائيور گريڊ 5  ۽ رفيق احمد راجپوت کي 17 گريڊ مان هٽائي اصل پوسٽ 05 جونيئر ڪلارڪ تي موڪليو ويو آهي.

عبدالوهاب راجپوت کي گريڊ 17 مان رورٽ ڪري گريڊ هڪ جي نائب قاصد ۽ محمد مڪرم خان کي گريڊ 18 کان هٽائي اصل پوسٽ جونيئر ڪلارڪ  گريڊ 5 تي موڪليو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب محمد الطاف کي گريڊ 17 مان رورٽ ڪري اصل پوسٽ تپيدار گريڊ 5 ۽  محمد يونس قريشي کي 17 گريڊ مان هٽائي اصل پوسٽ ڪلارڪ جي پوسٽ تي موڪليو ويو.

 عقيل احمد خانزاده کي 17 هين گريد مان رورٽ ڪري اصل پوسٽ سينئر ڪلارڪ گريڊ 6 ۽ سيد عارف علي کي گريڊ 14 مان هٽائي اصل پوسٽ نائب قاصد گريد هڪ تي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب  رئيس احمد کي 14 هين گريڊ مان رورٽ ڪري اصل پوسٽ مالي جي هڪ گريڊ ۽ صلاح الدين کي 16 هين گريڊ مان هٽائي ڪلارڪ 5 گريڊ تي موڪليو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب 16 هين گريڊ جي عبدالمقيم کي رورٽ ڪري اصل پوسٽ 6 هين گريڊ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

واٽر ڪميشن سربراهه جي سفارش تحت ڄاڻايل آفيسرن خلاف جاچ ڪري کين هٽائي اصل پوسٽن تي موڪليو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*