سنڌ جي صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتالن لاءِ پهرين ٽن مهينن واري بجيٽ مان دوائون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

سنڌ جي صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتالن لاءِ پهرين ٽن مهينن واري بجيٽ مان دوائون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب ڪراچي جي جناح اسپتال، سول اسپتال، لياري جنرل اسپتال، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۽ سول اسپتال سکر لاءِ دوائون خريد ڪيون وينديون.

شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه، خيرپور سول اسپتال ۽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي سميت ٻين ضلعي ۽ تعلقي اسپتالن لاءِ دوائون خريد ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي پاران منظوري ملڻ بعد تقريبن ڏيڍ ارب روپين جون دوائون خريد ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*