بلوچستان ڪابينا ۾ ٻن نون وزير سردار عبدالرحمان کيتران ۽ مير اسد بلوچ حلف کڻي ورتو

بلوچستان ڪابينا ۾ ٻن نون وزير سردار عبدالرحمان کيتران ۽ مير اسد بلوچ حلف کڻي ورتو، وقتي گورنر ٻنهي ميمبرن کان حلف کڻايو.

بلوچستان حڪومت ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو  ڪري ويو، جنهن بعد ٻن نون وزيرن کي ڪابينا شامل ڪيو ويو.

حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ ميمبرن شرڪت ڪئي.

وقتي گورنر عبدالقدوس بزنجو نون وزيرن عبدالرحمان کيتران ۽ اسدالله بلوچ کان حلف ورتو.

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر يار محمد رند چيو ته ڄام ڪمال پي ٽي آءِ کي پنهنجي بي ٽيم بڻائڻ چاهي ٿو.

يار محمد رند چيو ته، فيصلن ۾ اسان کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، اسان جي ميمبر کي وزير بڻايو پيو وڃي پر اسان کي  ناهي ٻڌايو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*