وزيراعظم عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان اڄ لنڊن کان اسلام آباد پهچي ويا

وزيراعظم عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان اڄ لنڊن کان اسلام آباد پهچي ويا، ٻئي ڄڻا چار ڏينهن بني گالا ۾ عمران خان سان گڏ گذاريندا، عمران خان پاران حلف کڻڻ بعد ٻنهي ڄڻن جو هي پهريون دورو آهي.

وزيراعظم عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان لنڊن کان اسلام آباد پهچي ويا آهن.

ذريعن موجب، قاسم ۽ سليمان  چار ڏينهن پاڪستان ترسندا ۽ بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان سان پنهنجو وقت گذاريندا.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزيراعظم جو حلف کنيو هو ته ان وقت عمران خان ٻنهي ڄڻن کي تقريب ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڄڻن جو هي پاڪستان جو پهريون دورو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*