نوبل انعام يافه ملالا يوسف زئي جي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وچ ۾ ملاقات دوران نياڻين جي تعليم جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ وٺ ڪئي وئي

نوبل انعام يافه ملالا يوسف زئي جي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وچ ۾ ملاقات دوران نياڻين جي تعليم جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ وٺ ڪئي وئي، جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته سندن عزم عزم آهي ته دنيا ۾ وڌ کان وڌ نياڻيون تعليم حاصل ڪن.

نوبل انعام يافه ملالا يوسف زئي جي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران نياڻين جي تعليم جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ وٺ ڪئي وئي،

ملاقات بابت ٽوئيٽ پيغام جسٽن ٽروڊو چيو ته ملالا يوسف زئي سان ملاقات زبردست رهي، اسان ٻنهي ست صنفي برابري واري مشاورتي ڪائونسل بابت ڳالهيون ڪيون.

جسٽن ٽروڊو چيو ته اسان ٻنهي جو عزم آهي ته سڄي دنيا ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون اسڪول وڃي سگهن.

ملالا يوسف زئي به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي  ڪينڊين وزيراعظم جسٽس ٽروڊو پاران وقت ڏيڻ ۽ هار ٻار جي تعليم لاءِ عهد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

واضح رهي ته ملالا يوسف زئي جو تعلق سوات سان آهي، جنهن کي 2009ع ۾ 12 سال اڳ ننڍڙي عمر ۾ دهشتگردن گولين جو نشانو بڻايو هو، جنهن بعد کيس علاج لاءِ لنڊن نيو ويو هو، هاڻ هو اتي ئي ترسيل آهي.

ملالا يوسف زئي هن وقت لنڊن جي آڪسفورڊ يونيورسٽي تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽هوءَ  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*