مٺي جي سول اسپتال ۾ ڊليوري دوران عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي، سندس وارثن لاش رکي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو

مٺي جي سول اسپتال ۾ ڊليوري دوران عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي، سندس وارثن لاش رکي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ ڪهڙي ڇڇر جي رهواسڻ مسمات سهڻي سول اسپتال ۾ ڊليوري دوران ٻار سميت فوت ٿي وئي.

فوتي عورت جي  وارثن بهار ڇڇر، گل حسن ۽ عاشق علي جي اڳواڻي ۾اسپتال ٻاهران لاش رکي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪالهه صبح ڏھه وڳي مسمات سهڻي کي ڊليوري لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو پر ڊاڪٽرياڻي سندس آپريشن دير سان ڪيو، جنهن ڪري عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عورت ۽ سندس ٻار جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪري ڊاڪٽرياڻي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*