ڪراچي جِي احتساب عدالت پوڻا 6 ارب روپين جي ڪرپشن بابت ڪيس ۾ 26 سيپٽمبر تي نيب پراسيڪيوٽر کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي جِي احتساب عدالت پوڻا 6 ارب روپين جي ڪرپشن بابت ڪيس ۾ 26 سيپٽمبر تي نيب پراسيڪيوٽر کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران شرجيل ميمڻ شراب هٿ اچڻ واري معاملي تي پُڇيل سوالن جا جواب نه ڏنا، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ وارو معاملو پارٽي جو نه، پر سندس ذاتي مسئلو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اشتهارن جي مد ۾ پوڻا 6 ارب روپيا ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دروان شرجيل ميمڻ کي پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر پيش نه ٿيو، جنهن سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيشي دوران صحافين شرجيل ميمڻ کان سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته شراب هٿ اچڻ واري معاملي تي پارٽي قيادت ڪاوڙيل آهي، ان حوالي سان اوهان ڇا چوندئو؟

شرجيل ميمڻ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پارٽي قيادت ڪو ميسيج نه اماڻيو آهي.

صحافي شرجيل ميمڻ کان سوال ڪيو ته، آصف زرداري چيو هو ته چيف جسٽس کي ڇاپا هڻڻ بدران ڪيسز اڪلائڻ تي ڏيان ڏيڻ گهرجي، جنهن تي شرجيل ميمڻ وراڻيو، هو عدليه جو احترام ڪري ٿو.

شرجيل ميمڻ چيو ته شراب هٿ اچڻ وارو معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ ڳنڀير ٿي ويو، جڏهن ته هيءَ سندس ذاتي مسئلو آهي، جيڪو حل ٿي ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*