بالي ووڊ جي سندري اداڪارا مان ليکڪه بڻجي ويل ٽوئنڪل کنا جي لکيل نئين ڪتاب “پيجماس آر فارگِوِنگ” جو مهورت ڪيو ويو، فلمي ستارن جي شرڪت سان تقريب کي چار چنڊ لڳي ويا

  بالي ووڊ جي سندري اداڪارا مان ليکڪه بڻجي ويل ٽوئنڪل کنا جي لکيل نئين ڪتاب “پيجماس آر فارگِوِنگ” جو مهورت ڪيو ويو، فلمي ستارن جي شرڪت سان تقريب کي چار چنڊ لڳي ويا.

 ممبئي ۾ ٽوئنڪل کنا پاران لکيل سندس ٽئين ڪتاب“ پيجماس آر فارگونگ” جي مهورت واري رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ فلمساز ڪرن جوهر، اداڪارا سونم ڪپور سوڌو اسٽار رنوير سنگهه، بوبي ديول ۽ ٽوئنڪل جي مڙس اڪشي ڪمار ۽ سندس ماءُ ڊمپل ڪپاڊيا شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي ٽوئنڪل کنا چيو ته سندس هي نئون ڪتاب پڙهندڙن کي متاثر ڪندو ۽ کيس ڀرپور موٽ ملڻ جي اميد آهي.

 ياد رهي ته ٽوئنڪل کنا ان کان پهريان 2 ڪتاب “ مسٽر فني بونز ۽ دي ليجنڊ آف لڪشمي پرساد” به لکي چڪي آهي، ڀارت ۾ سندس لکيل ٻنهي ڪتابن کي سٺي موٽ ملي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*