هالي ووڊ جي نئين هارر فلم “ دي نن”  سئنيمائن تي ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ مڪمل  تيار آهي

هالي ووڊ جي نئين هارر فلم “ دي نن”  سئنيمائن تي ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ مڪمل  تيار آهي،  ماهرن فلم کي باڪس آفيس تي هن هفتي جي ٽاپ فيوريٽ فلم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

امريڪي باڪس آفيس جي اڳڪٿي واري رپورٽ موجب فلم “دي نن” ويڪ اينڊ دوران 4 ڪروڙ 50 لک ڊالرز ڪمائي پهرئين نمبر تي رهندي، جڏهن ته “ڪريزي رچ ايشينز” هن هفتي صرف هڪ ڪروڙ 40 لک ڊالرز جو ڪاروباري ڪري سگنهدي، جنهن سان باڪس آفيس تي لاڳيتو ڇانيل فلم ٻئي نمبر تي ڌڪجي ويندي.

 رپورٽ موجب اداڪار جئينفر گارنر جي نئين فلم “پيپر منٽ” به هڪ ڪروڙ 30 لک ڊالرز جي ڪمائي سان پهرئين هفتي ٽئين نمبر تي رهندي.

 هوڏانهن شارڪ مڇي جي حملي واري ڪهاڻي تي ٺاهيل فلم “دي ميگ” بابت اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته هن هفتي چوٿين نمبر تي رهندي، جڏهن ته ٽام ڪروز جي فلم“مشن امپاسيبل فال آئوٽ” پنجين نمبر تائين ڌڪجي وڃڻ جو امڪان آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*