ننڍي کنڊ جي ليجنڊري ڳائڻي آشاڀوسلي اڄ پنهنجي حياتيءَ جي 85 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي

ننڍي کنڊ جي ليجنڊري ڳائڻي آشاڀوسلي اڄ پنهنجي حياتيءَ جي 85 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، آشا جادوئي آواز سان 6 ڏهاڪن کان ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي ڇانيل آهي.

 آشا ڀوسلي 8 سيپٽمبر 1933ع تي  مشهور موسيقار ماسٽر دينا ناٿ جي گهر ۾ ڀارتي رياست سانگلي جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ اک کولي جنهن کي هاڻي مهاراشٽر رياست جو حصو بڻايو ويو آهي.

 موسيقار گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري کيس سُر ۽ سنگيت ڄڻ ته وراثت ۾ مليو هو.

 ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ مڃتا حاصل ڪندڙ نامياري ڀارتي گلوڪارا لتا مگيشڪر آشا ڀوسلي جي وڏي ڀيڻ آهي.

 آشا ڀوسلي 10 ورهين جي عمر ۾ موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي ڪيريئر جي باقائده طور شروعات ڪئي.

 آشا ڀوسلي هن وقت تائين 12 هزارن کان وڌيڪ  گانا پنهنجي جادوئي آواز ۾ ڳائي چڪي آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ گانا ريڪارڊنگ ڪرائڻ جو رڪارڊ به آهي.

 آشا ڀوسلي کي هندستان سرڪار 2001ع ۾ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ۽ 2008ع ۾ پدما ڀوشن جي معتبر ايوارڊز سان نوازي سندس فن جي دنيا لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪيو آهي.

 آشا ڀوسلي بالي ووڊ جي پلي بيڪ سنگر طور فلم فيئر ايوارڊ 7 ڀيرا پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، ان کان سواءِ کيس ٻين  ايوارڊز سان به نوازيو ويو آهي.

 آشاڀوسلي کي سالگرهه جي مناسبت سان مداحن طرفان مبارڪون ڏيڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*