روس شام جي ڏاکڻي صوبي اِدلِيب ۾ ويڙهه بندي وارو ترڪ حڪومت جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

روس شام جي ڏاکڻي صوبي اِدلِيب ۾ ويڙهه بندي وارو ترڪ حڪومت جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، روسي صدر پيوٽن جو چوڻ آهي ته دهشت گردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکي ويندي، ٻئي طرف ايران به روسي  موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ شام  جي حالتن بابت جاري 3 ملڪي ڪانفرنس جي موقعي تي اِدلِيب ۾ فوجي ڪارروائيءَ بابت  اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ايران جي صدر حسن روحاني ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي ترڪ صدر زور ڏنو ته شامي صوبي اِدلِيب ۾ خونريزي کان بچڻ لاءِ جنگبندي ڪئي وڃي.

 روسي صدر ولاديمير پيوٽن مطالبو رد ڪندي چيو ته دهشت گردن خلاف ڪارروائي جاري رهندي، جڏهن ته ايران به روسي موقف جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته دهشت گرديءَ خلاف جنگ جاري رهڻ گهرجي ۽ شامي صدر بشار الاسد کي حق حاصل آهي ته هو شام جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*